اڄوڪو وفاقي ڪابينا ٿيندڙ اجلاس ملتوي

اڄوڪو وفاقي ڪابينا ٿيندڙ اجلاس ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن کي آمريڪا جي تازي دوري بابت آگاهه ڪندو ۽ کين اعتماد ۾ وٺندو.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ ٿيڻ واري وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي مصروفيت سبب ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو