اپريل کان جون 2023 دوران دنيا ۾ ڪهڙو فون وڌيڪ وڪرو ٿيو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ گهڻي عرصي کان مهانگائي عروج تي آهي ۽ ماڻهن جي قوت خريد به متاثر ٿي رهي آهي پر ايپل جا آئي فون اڃا به سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿي رهيا آهن.اهو انڪشاف هڪ نئين رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته OLED اسڪرين وارا ڪهڙا فون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيا.DISPLAY SUPPLY CHAIN CONSULTANTS (DSCC) جي هڪ رپورٽ موجب، آئي فون 14 اپريل ۽ جون 2023 جي وچ ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون هو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آئي فون 14 جو ان عرصي دوران مارڪيٽ شيئر 15.3 سيڪڙو هو.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايپل جا آئي فونز ان دور ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ڪندڙ هئا.آئي فون 13 ٻيو نمبر بهترين وڪڻڻ وارو فون هو، آئي فون 14 پرو ميڪس 10.7 سيڪڙو شيئر سان ٽئين نمبر تي آيو جڏهن ته آئي فون 14 پرو 9.2 سيڪڙو شيئر سان چوٿين نمبر تي آيو.گليڪس S23 الٽرا 5 هين نمبر تي هئي.ان کان اڳ، جنوري کان مارچ 2023 جي دوران، ايپل ڊوائيسز دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيل فونز تي غلبہ حاصل ڪيو.آئي فون 14 پرو ميڪس ان عرصي دوران دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ثابت ٿيو.ان کانپوءِ آئي فون 14 پرو ٻئي، آئي فون 14 ٽئين، آئي فون 13 چوٿين ۽ گليڪسي ايس 23 الٽرا پنجين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو