ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي اميگريشن تي ڪارروائي ڪندي نائيجيريا ۽ سعودي عرب کان واپس ايندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته حافظ آباد سان تعلق رکندڙ ملزم نعيم اختر جي پاسپورٽ جي ويزا پيجز کي ٽمپر ڪيو ويو، جوابدار پاڪستاني پاسپورٽ ۽ اصل ويزا تي نائيجيريا ويو هو.ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار نائيجيريا ۾ رهندڙ ايجنٽ کان 22 لک رپين ۾ اٽلي جي ويزا حاصل ڪئي، جوابدار نائجيريا کان جعلي ويزا تي اٽلي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته جوابدار جعلي ويزا تي نائجيريا کان سعودي عرب ۽ پوءِ پاڪستان آيو، سعودي عرب پهچڻ تي جوابدار سندس پاسپورٽ تي جعلي ويزا ڦاڙي ڇڏي.ايف آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.










