ڪاڪڙ جي بيان تي سي پي اين اي ۽ اي پي اين ايس کي ڳڻتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي نگران وزيراعظم جي پرنٽ ميڊيا بابت بيان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.اي پي اين ايس موجب نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جي پرنٽ ميڊيا بابت بيان سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم سرڪاري اشتهارن جي قيمتن ۾ واڌ بابت سڌ سماءَ واري وزارت جي سمري تي غور ويچار ڪيو.اي پي اين ايس چيو ته نگران وزيراعظم چيو هو ته پرنٽ ميڊيا پنهنجو بزنس ماڊل تبديل ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته اخبارن کي گهرجي ته سرڪاري فنڊنگ بدران پنهنجي وسيلن مان آمدني وڌائين.اي پي اين ايس چيو ته نگران وزيراعظم جي پرنٽ ميڊيا جي ڄاڻ غلط لڳي رهي آهي. پرنٽ ميڊيا حڪومت کان ڪا به گرانٽ يا سبسڊي نه گهري رهي آهي.اي پي اين ايس موجب اخبارن ۾ سبسڊي جي شرح تي سرڪاري اشتهار شايع ٿيندا آهن.سرڪاري اشتهارن جي قيمت تمام گهٽ آهي،بلڪه، اهي تجارتي شرح جو هڪ چوٿون آهن. هن چيو ته شهباز شريف سرڪاري اشتهارن جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان جي سمري ناڻي واري وزارت وٽ موجود آهي.اي پي اين ايس چيو ته وفاقي حڪومت اخبارن جا 2 ارب رپيا قرض کڻي رهي آهي. نگران وزيراعظم جو خيال آهي ته اخباري ماڊل درست ناهي ته پوءِ سبسڊي واري شرح واپس ورتي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو