نئون ديرو(ن س) اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو مس ڪائنات شيخ جي نئون ديرو ۾ پئٽرول پمپن ۽ منافعي خور دڪاندارن خلاف ڪاروائي، شهر جي مختلف پئٽرول پمپن جي وزٽ ڪري ريٽ ۽ ماپي جي جاچ ڪئي جنهن بعد کهڙا پيٽرول پمپ مالڪن مٿان ماپ پوري نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 20 هزار ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو ۽ واهپيدارن کي پوري ماپ ڏيڻ جي هدايت ڪئي نه ڏيڻ جي صورت ۾ پمپ سيل ڪرڻ جي وارننگ پڻ ڏني. اي سي رتوديرو مس ڪائنات شيخ نئون ديرو شهر جي ڪريانه، سبزي، مرغي جي دڪاندارن ۽ ريڙهن تي پرائيس ڪنٽرول اٿارٽي پاران جاري ڪيل سرڪاري ريٽ لسٽ بابت پڇاڻو ڪيو، دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن وٽ ريٽ لسٽ ۽ پرائيس ٽيڪ نه لڳل هجڻ تي دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن مٿان 5 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لڳائي موقعي تي وصول ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اي سي رتوديرو مس ڪائنات شيخ جو چوڻ هيو ته عوامي شڪايتن ۽ انهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي شهر جي وزٽ ڪئي وئي جنهن ۾ سڀ کان پهرين پيٽرول پمپن جي وزٽ ڪري ماپ جي جاچ ڪئي وئي جنهن بعد ڪريم بخش کهڙو پيٽرول پمپ پاران گهٽ ماپ تي پيٽرول وڪرو ڪرڻ تي انهن مٿان 20 هزار ڏنڊ وڌو ويو جيڪو موقعي تي وصول ڪيو ويو شهر جي ڪريانه، سبزي، فروٽ ۽ مرغي جي دڪاندارن جي به وزٽ ڪئي جتي پرائيس لسٽ نه هجڻ جي صورت ۾ 5 کان وڌيڪ دڪاندارن مٿان مجموعي طور 5 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو وڌيڪ هن چيو ته دڪاندارن کي ماپ ۾ گهٽتائي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن کي سختيءَ سان وارننگ به ڏني آهي ته جيڪڏهن هو منافعي خوريءَ کان باز نه آيا ۽ مقرر ريٽ لسٽن کان وڌيڪ اگهه ورتو ويو ته انهن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي وزٽ دوران اسسٽنٽ مختيار ڪار انصار مڱريو، تپيدار ڪاشف کوکر سميت موجود عملدارن کي سختيءَ سان هدايتون ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ منافعي خورن مٿان ڪڙي نظر رکي وڃي.
