اي آءِ بابت ايلون مسڪ جي نئين اڳڪٿي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ايندڙ سالن ۾ زمين تي موجود ڪنهن به ماڻهوءَ کان وڌيڪ ذهين هوندي.گذريل ڏينهن ۾ هڪ انٽرويو ۾ ايلون مسڪ اها اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيئن بجلي جي پهچ ۽ طاقتور اي آءِ ٽريننگ چپس جي گهٽتائي نه ٿي ته 2025 ۾ دنيا جي ڪنهن به ماڻهوءَ کان وڌيڪ ذهين سپر هيومين آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڊل تيار ٿي ويندو.هن چيو ته ايندڙ سال جي آخر ۾ اهو ممڪن ٿي ويندو. هن چيو ته گذريل سال چپس جي گھٽتائي کي منهن ڏنو جڏهن ته هڪ يا ٻن ورهين ۾ بجلي جي گھٽتائي جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوندو.واضح رهي ته پهريون ڀيرو نه پر مختلف پليٽ فارمز، ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ ايلون مسڪ انسانن کان وڌيڪ ذهين اي آءِ ماڊل بابت ڳالهايو آهي. هن اهو پڻ چيو ته ذهين اي آءِ ٽيڪنالوجي انسانن لاءِ خطرن جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو