ايندڙ هفتي مهانگائي خلاف 100 هنڌن تي احتجاج جو اعلان

ايندڙ هفتي مهانگائي خلاف 100 هنڌن تي احتجاج جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ايندڙ هفتي مهانگائي خلاف شهر جي 100 هنڌن تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.جماعت اسلامي پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڪراچي ۾ 15 هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.جماعت اسلامي پاران شارع فيصل، نرسري، اسٽار گيٽ، ملينيم مال، واٽر پمپ، فائيو اسٽار چورنگي، لي مارڪيٽ، ڪورنگي ڪالا پل، شير شاهه پراچا چوڪ ۽ سهراب ڳوٺ سميت ٻين هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.شارع فيصل نرسري ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور نه ڪري، پيٽرول سستو ڪيو وڃي، نگران حڪومت چونڊون ڪرائي گهر هليو وڃي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته سمورا ماڻهو پرڏيهه نٿا وڃي سگهن، اسان وٽ مهانگائي جي معاملي تي احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.هن چيو ته هر وزير وٽ ڪيتريون ئي گاڏيون آهن، آفيسرن لاءِ بلٽ پروف گاڏيون آهن جڏهن ته ماڻهو روڊن تي لٽڪيل آهن.امير جماعت اسلامي ڪراچي جو اهو به چوڻ هو ته عوام ڦرلٽ جو نشانو آهي جڏهن ته ڪراچي جو ميئر بلٽ پروف گاڏي جو مطالبو ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اٽي ۽ کنڊ مافيا کي بي نقاب ڪيو وڃي، ملڪ ۾ اشرافيه کي بجلي ۽ پيٽرول مفت ڏنو پيو وڃي. حڪمرانن جو پروٽوڪول، مفت پيٽرول ۽ مفت بجلي بند ڪئي وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ايندڙ هفتي شهر جي 100 هنڌن تي احتجاج ڪيو ويندو.هن چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، مهانگائي ختم ڪئي وڃي، ڪراچي جي عوام کي قوميت ۽ ٻولي جي بنياد تي ورهائي نٿو سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو