ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جو مئل گهوڙو آهي، پيپلزپارٽي جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي پنهنجي اننگ ختم ٿي چڪي آهي،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي کي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي،هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ مان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون کٽندي، ايم ڪيو ايم وارا نون ليگ کي حمايت لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، متحده جي باني کي به اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جون منٿون ڪيون پيون وڃن
