ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا رد ، ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ايم ڊي ڪيٽ 2023 جي انٽري ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪرڻ ۽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب نگران وڏي وزير ٽيسٽ رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڏني آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نتيجن جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏني وڃي. ترجمان ٻڌايو ته وڏي وزير جي حڪم موجب اڳوڻا نتيجا رد ڪري هاڻ ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ ٻيهر ورتي ويندي، وڏي وزير ڊائو يونيورسٽي کي ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو