ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي زبون حال ايم ايس رائزنگ مين نمبر پنج ۽ حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان تفصيل ڏيندي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ عالمي بئنڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي واٽر سيوريج سروسز امپروومنٽ جي تحت ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي رائزنگ مين نمبر پنج کي ايس او پي ون ۾ شامل ڪري انکي تبديل ڪيو پيو وڃي جنھن جو ڪم ۽ ٽينڊر ڏيڻ جو عمل جاري آهي جڏهن تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي رائزنگ مين نمبر ھڪ ۽ رائزنگ مين نمبر ٻہ کي ايس او پي ٽو ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن بابت تفصيل ڏيندي چيو تہ حب ڪئنال ڪينال جي اپ گريڊيشن جو ڪم عالمي بئنڪ ۾ نٿو وٺي سگهجي ڇاڪاڻ تہ عالمي بئنڪ جي سيڙپڪاري سندن طريقيڪار ۽ هدايتن موجب ڪئي ويندي آهي جيڪي صرف نون منصوبن تي لاڳو ٿين ٿيون هن ٻڌايو تہ ڪئنال جي اپ گريڊيشن جو ڪم سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي بئنڪ جي ماتحت اداري انٽرنيشنل فنانشل ڪميشن ايف آءِ سي حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن جي سروي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ريڪيوسٽ فار پروپوزل آر ايف پي پڻ لائونج ڪيو ويو آهي جڏهن تہ ان عمل ۾ ست مختلف بين الاقوامي ۽ قومي ڪمپنين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هن چيو تہ حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن جو ٽينڊر ھلندڙ مھيني کوليو وڃي ۽ جيڪا ڪمپني ان ۾ ڪامياب ٿيندي ان کي حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن جو ڪم ڏنو ويندو، هن ٻڌايو تہ حب ڪينال جي اپ گريڊيشن ۾ ڪئنال جي بحالي سميت نئي پمپنگ اسٽيشن، فلٽر پلانٽ ۽ ريزروائر تعمير ڪيا ويندا ۽ ٻہ نيون رائزنگ مين وڌيون وينديون تہ جيئن حب ڪئنال مان شهر کي گهربل ڪوٽا تحت پاڻي فراهم ڪري سگهجي، هن وڌيڪ چيو تہ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا قدم منصوبا بندي ۽ فزيبلٽي تحت کنيا پيا وڃن تہ جيئن سمورا منصوبا پنھنجي مقرر ڪيل وقت تي مڪمل ٿي سگهن.
