ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جو حواله هنڊي ڊيلرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي،ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ٽيم ايم اي جناح روڊ تي ڇاپو هڻي 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن،گرفتار جوابدارن ۾ محمد شاهد، محمد حسين ۽ عبدالرشيد شامل آهن،ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران 32 هزار 7سئو امريڪي ڊالر، 15هزار سعودي ريال، 8 سئو درهم ۽ 9 ڪروڙ 88 لک روپين جي پاڪستاني ڪرنسي هٿ آئي،ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
