حيدر آباد(ن س)نوابشاھ پوليس پاران ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو جي ڀاءُ کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو ، سبحان مگسي سميت مختلف ضلع اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران نثار ڪيريو جي اڳواڻي ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به پريس ڪلب نوابشاه آڏو احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو. چئن ڏينهن کان مسلسل رات ڏينهن جاري ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت ايس ٽي پي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. احتجاجي ڌرڻي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ڳالهائيندي چيو ته نوابشاھ پوليس بيگناھ منهنجي ڀاءُ کي گولي هڻي ان کي اپاهج ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن هن جو ڪو ڏوهه هو ته ملڪ جي قانون موجب کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. پوليس جي اهڙي غيرقانوني عمل ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف اسان پرامن سياسي جدوجھد شروع ڪئي ته وري اسان جي مٿان ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان ڪوڙن ڪيسن کان خوف کائڻ وارا ناهيون اسان سياسي جدوجھد ۽ قانوني طريقي سان پوليس جي هن ناانصافي جو مقابلو ڪنداسين. ايس ٽي پي اڳواڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، صوبائي گهرو وزير، آئي جي سنڌ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي نوابشاھ پوليس جي هن عمل جو نوٽيس وٺن ۽ اسان کي انصاف ڏيارين. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان کي اڄ چوٿين ڏينهن رات ٿيو آهي اسان جو ڌرڻو قائم آهي جيڪڏهن ملوث اهلڪارن خلاف قدم نه کنيو ويو ته اسان جو نه صرف هي ڌرڻو جاري رهندو پر اهو اسان هاءِ وي تي منتقل ڪنداسين. ايس ٽي پي پاران پريس ڪلب اڳيان قائم احتجاجي ڌرڻي تي جيئي سنڌ قومي محاذ، پي ٽي آئي جي اڳواڻن سميت مختلف سماجي سياسي اڳواڻن يڪجھتي طور شرڪت ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو.
