حيدر آباد (پ ر) نوابشاھ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو جي ڀاءُ سلمان ڪيريو کي ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس پاران زخمي ڪرڻ ۽ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پنجن ڏينهن رات کان جاري ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو. ڇهين ڏينهن ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح، نثار ڪيريو ، گوتم چنا ، جلال شاھ ، علي ڏنو خاصخيلي ، ساگر عالماڻي ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته جي ڊي اي اڳواڻ ڀائو ستار ڏاھري يونس بروھي انور شاھ امير بخش ڏاھري مصطفا ڏاھري پڻ يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شامل ٿيا. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ حيدر ملاح خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي پي هميشه جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي. اسان جي سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۽ بندوقن سان هيسائي نٿو سگهجي. نثار ڪيريو سدائين مظلومن جو ساٿاري بڻجي بيٺو آهي انڪري هتان جي جاگيردارن ۽ سردارن جي پوليس ونگار وهندي بنا ڪنهن ڏوھ جي نثار ڪيريو جي ڀاءُ کي گوليون هڻي زخمي ڪري نثار ڪيريو کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. پر هنن کي ڀُل آهي ايس ٽي پي 42 کان مٿي شھيدن جي رت ۽ لکين ڪارڪنن جي پگهر پورهئي ۽ سياسي جدوجھد سان ٺهي آهي. هي سمورا حربا ناڪام ويندا سچ سوڀارو ٿيندو. هن ملڪ جي اعلي عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو نوابشاھ پوليس جي غير قانوني ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺن. ان موقعي تي نثار ڪيريو خطاب ڪندي چيو ته جيستائين انصاف نه ملندو تيستائين جدوجهد جاري رهندي. ٻئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آچر جي ڏينهن 29 آڪٽوبر تي نوابشاھ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندو جنهن ۾ نوابشاھ پوليس جي دهشتگردي خلاف اهم سياسي جدوجھد جو اعلان ڪندو.
