ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون: اسد قيصر

ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون: اسد قيصر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون.پنهنجي هڪ بيان ۾ اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي پي ٽي آءِ جي باني جي صحت بابت ڳڻتي آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي ڊاڪٽر سان ملاقات ڪري.هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ هلندڙ آپريشن غير قانوني آهي، آئيني ترميم لاءِ اسان جي ماڻهن کي کنيو پيو وڃي، سندن خاندانن تي تشدد ڪيو پيو وڃي.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اسان جي ميمبرن جي خاندانن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي طرح آئيني ترميم پاس ڪرڻي آهي ته پوءِ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن اهڙي جمهوريت آهي، ميمبرن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، اسان اهڙي آئيني ترميم جي مڪمل خلاف آهيون ۽ ان جي مزاحمت ڪنداسين.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئيني ترميم قانون موجب پاس ڪرڻي آهي ته پوءِ مشاورت ٿيڻ گهرجي، هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جا ايم اين ايز اهڙن ڪاررواين سبب ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا آهن، اهڙن ڪاررواين کي روڪيو وڃي ۽ قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو