ايس آئي يو ٽي جو لاڙڪاڻي جي هڪ ڪاليج ۽ يونيورسٽي سان معاهدو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانپلانٽيشن (SIUT) جي وچ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. نگران وزير صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ سوشل ويلفيئر سنڌ ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي موجودگي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ ايس آءِ يو ٽي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر انور نقوي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون. مفاهمتي ياداشت تي تحت ايس آئي يو ٽي SIUT چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعمير هيٺ عمارت کي مڪمل ڪري اسٽيٽ آف دي آرٽ سرجيڪل سرجيڪل ڪمپليڪس ڪري ٽرانسپلانٽيشن لاءِ جديد روبوٽس فراهم ڪندو ۽ روبوٽڪس سرجري يونٽ کي هلائيندو. ان موقعي تي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ٻنهي ادارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جديد روبوٽڪس سرجيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۽ قيام سان خاص ڪري لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي ضلعن جي مريضن کي علاج ۽ آپريشن جي آسان ۽ سستي سهولت فراهم ٿيندي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو