پليجو پاران سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسه عام ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مھانگائي، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن، زرعي تباھي، پاڻي تي ڌاڙي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسہ عام جو اعلان ڪندي چيو آهي تہ جلسي عام ۾ ھزارين سنڌياڻين سميت لکين ماڻهو شرڪت ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. مھانگائي سبب لکين پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جي زندگي بدتر ٿي وئي آھي. صحافين، معصوم ٻارڙن، نوجوانن ۽ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي، لاقانونيت ۽ بربريت جو راڄ آھي. سنڌ جا وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سبب سنڌ کنڊر ٿي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو، اٽي ،اجهي ۽ جمهوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو. تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قدرتي وسيلن تي ڪمائي جو پھرين حق مالڪ صوبي ۽ انهن علائقن جو آهي،اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ تيل، گئس، ڪوئلي ،زمين، پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي لٽيو پيو وڃي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت، بيروزگاري، بدحالي، بدامني، لاقانونيت ،ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دھشتگردي سميت مختلف مسئلن ۾ گھيريل آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود پاڪستان جو ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھي۔ چند ماڻھن کي دولتمند بنائڻ لاء ڪروڙين عوام کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آھي. معاشي پاليسيون مٿين طبقي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ھارين مزدورن ۽ غريب عوام کي وڌيڪ بدحالي جي اونھي کڏ ۾ اڇلائڻ واريون آھن، ملڪ جون پاليسيون جيڪڏھن عوام دوست ۽ غريب دوست ھجن ھا، انھن جي پاليسين ۾ سنڌ جي خوشحالي شامل ھجي ھا تہ اڄ صورتحال بھتر ھجي ھا پر سنڌ ۽ ملڪ تي ڪرپٽ ڦورون ۽ لٽيرن حڪمرانن جو راڄ رھيو آھي، جنھنڪري ماڻھو پنھنجي بنيادي انساني حقن، انصاف، تعليم ۽ صحت کان محروم آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسہ عام ۾ لکين عوام شريڪ ٿي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو