ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته او آءِ سي اسرائيلي جارحيت روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ ڊي پريس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته غزه ۾ الشفا اسپتال تي اسرائيلي حملو افسوسناڪ آهي. اسرائيل پاڻي ۽ بجلي بند ڪري اسپتال کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ننڍڙا ٻار ميز تي مرڻ لاءِ رهجي ويا آهن.هن چيو ته اسلامي دنيا جي حڪمرانن جو رويو افسوسناڪ آهي پر سڄي دنيا جا باشعور عوام اسرائيلي جارحيت خلاف متحد آهن، سڄي دنيا ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق ڪري رهي آهي.امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته حماس ثابت ڪري ڇڏيو ته جنگون رڳو دولت ۽ ٽيڪنالاجي سان نه وڙهي سگهجن ٿيون.
