اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

غوثپور (ن س )غوثپور ويجهو اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادري ۾ مال جي ڦر تان هلندڙ تڪرار ٻيهر تيز ٿي ويو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ يار محمد اوڳاھي ۾ اوڳاھي ۽ نصيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار تان ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ علي حسن نصيراڻي مارجي ويو، جڏھن ته ٻي ڌر جا نثار اوڳاھي ۽ فيضو اوڳاھي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن ڪاٺين لاءِ ڪچي جي علائقي ۾ ويل پورهيتن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل علي حسن نصيراڻي پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو. واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون، جنهن سبب وڌيڪ خونريزي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو