اهلڪارن کي فوري بازياب ڪرايو ،موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت پرڏيهي پناهگيرن خلاف ڪارروائيون جاري آهن،اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته غير قانوني پرڏيهي پناهگيرن جي ڪاروبارن ۽ ملڪيتن جي نشاندهي جو سلسلو جاري آهي، غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن،نگران وڏي وزير صوبائي سينسس ڪمشنر کان نئين آدمشماري دوران ڳڻيل غيرقانوني پرڏيهين جو ريڪارڊ هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،نگران وڏي وزير طرفان پراسيڪيوشن کي غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪيس جلد اڪلائڻ جي به هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ٻين وهيڪلز سان گڏ موٽرسائيڪلز ۾ به ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي..نگران وڏي وزير مقبول باقر امن امان بابت اجلاس دوران چيو ته ايس ايڇ او جي اغوا جو واقعو حڪومت جي بدناميءَ جو سبب بڻيو، اندازو آهي ته اسان جا ٿاڻا ڪنهن ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان اغوا ڪيل ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي آءِ جي سنڌ رفعت مختار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي جي 621 ٿاڻن مان 66 ٿاڻن جي صورتحال بهتر آهي، 315 ٿاڻن جي حالت نارمل ۽ 240 ٿاڻن جي حالت ٺيڪ آهي، تازو آيل ٻوڏ ڪيترن ئي ٿاڻن جي حالت خراب ڪري ڇڏي اجلاس دوران نگران وڏي وزير سنڌ جي سمورن پوليس ٿاڻن کي عالمي معيار موجب محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڏي وزير مقبول باقر چيو ته ٿاڻن تي واچ ٽاور ۽ مضبوط ڀتيون ۽ بائونڊري والز تعمير ڪيون وڃن، ٿاڻن ۾ فرسٽ ايڊ جو انتظام به هجڻ گهرجي، اي آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيمز بابت رپورٽ پيش ڪئي، اي آءِ جي ٻڌايو ته شهر ۾ جنوري کان 12 آڪٽوبر تائين پوليس سان مقابلن دوران 141 ڏوهاري مارجي ويا، هڪ هزار 51 ڏوهاري زخمي ٿيا، 5 هزار 976 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو