انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 35 پئسا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ٽريڊ جي آخر ۾ ڊالر 1 رپيا 35 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 297 رپيا 13 پئسا تي بند ٿيو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 306 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 295 رپيا 78 پيسا تي بند ٿيو.ياد رهي ته نگران حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ڊالر 8 رپيا 64 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي، 11 آگسٽ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 288 رپيا 49 پيسا تي بند ٿيو هو.ان کان علاوه، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 107 پوائنٽس جي گهٽتائي ڏٺو.پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 107 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 48,218 تي بند ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو