انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ٽرپل سنچري جي ويجهو پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.انٽر بئنڪ واپاري هفتي جي پهرئين ڏينهن سومر تي ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو رجحان ڏٺو ويو ۽ واپار جي اختتام تي ڊالر هڪ رپيو 35 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 297 رپيا 13 پئسا تي بند ٿي ويو.اڱاري تي واپار جي شروعات تي، ڊالر شروعاتي طور تي گهٽجي ويو، جنهن کان پوء ان جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو.واپاري سيشن دوران ڊالر جي قيمت ۾ 1 رپيو 87 پئسا واڌ ٿي وئي ۽ ڊالر 299 رپين جو ٿي ويو جيڪو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.ان کان اڳ 11 مئي تي ڊالر 298 رپيا 93 پئسا تي پهچي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو