حيدرآباد (ن س) سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ “سنڌ جي تعليمي صورتحال ۽ حڪومت جو ڪردار” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاصل کوسو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڄام تماچي، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙو، علي رضا جلباڻي، عرفان لاشاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي هٿ وٺي تباه ڪيو پيو وڃي، غريب طبقي جي لاء تعليم جا سمورا دروازا بند ڪيا پيا وڃن. سوين اسڪول مال جي واڙن ۽ سامان جي گدامن طور استعمال ٿين پيا. تعليمي ادارن کي ڪرپشن جو ڳڙه بڻايو ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ تعليم صوبائي اسم آهي پر ان باوجود صوبائي هيڪ فعال ناهي ڪئي وئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ جي سوالن جي پرچن جي ليڪ ٿيڻ جي اعلي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصابي ڪتابن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي، شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي، گريڊن جو وڪرو بند ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽين جي فيس گهٽائي شاگردن کي رليف ڏنو وڃي.
