اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن 10 ڊسمبر تي انساني حقن جو عالمي پڌرنامو منظور ڪيو.انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته هن ڏينهن تي اسان کي فلسطيني عوام جي ڏک کي نه وسارڻ گهرجي. فلسطيني غزا ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيل جي وحشياڻي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن.وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن قومن کي انساني حقن ۽ قدرن جي تحفظ جي ياد ڏياري ٿو، دنيا کي پنهنجي دور جي سنگين انساني سانحي تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن، فلسطين جي عوام جي جاري نسل ڪشي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي فوري طور تي بند ڪرڻ لاء ادا ڪيو.شهباز شريف چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي، پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.










