ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران قانون ۽ انساني حقن واري وزير محمد عمر سومرو انساني حقن کاتي پاران انساني حقن بابت صوبي جي 30 ضلعن ۾ عوامي ڪچھريون ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. نگران قانون ۽ انساني حقن واري وزير محمد عمر سومرو جي صدارت هيٺ انساني حقن واري کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزير عمر سومرو کي سيڪريٽري پاران انساني حقن واري کاتي بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي سنڌ جي نگران وزير محمد عمر سومرو چيو ته سنڌ جي 30 ضلعن ۾عوامي ميڙاڪا،سيمينارز منعقد ڪرايا وڃن ته جيئن ماڻهن ۾ انساني حقن بابت شعور پيدا ٿي سگهي. هن سيڪريٽري هيومن رائٽس کي هدايت ڏيندي چيو ته سمورن ضلعن ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي تمام ضلعن ۾ فعال ڪيو وڃي. نگران وزير وڌيڪ چيو ته شاگردن، وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن کي انساني حقن بابت ٽريننگ ڏني وڃي ۽ انساني حقن واري کاتي جا آفيسر سمورن ضلعن جا دورا ڪن. انساني حقن بابت مليل شڪايتون لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليون وڃن ۽ ان جي پيروي ڪئي وڃي. انساني حقن واري سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر نگران واري وزير کي ٻڌايو ته اسان کي جيڪي به شڪايتون ملنديون آھن اسان اھي لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيندا آهيون.










