ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته اندروني انتشار سبب پي ٽي آءِ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ عمران خان جا ڪوڙ، سازشي داستان ۽ ڪرپشن بي نقاب ٿي رهي آهي.هن چيو ته جڏهن عام چونڊون مقرر وقت تي ٿي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ جو داستان به لانگ مارچ ۽ ڌرڻي وانگر بيڪار ٿي ويو آهي.سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته اندروني ڇڪتاڻ سبب پي ٽي آءِ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي.امتياز شيخ چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ڪڏهن به اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو نه ڪندو، اسيمبليون آئين ۽ قانون موجب پنهنجو مدو پورو ڪنديون.هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري ۽ ٻيا پي ٽي آءِ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.










