اندروني اختلاف گڏجي ويهڻ سان حل ٿيندا آهن، امين جو عاطف کي فون

اندروني اختلاف گڏجي ويهڻ سان حل ٿيندا آهن، امين جو عاطف کي فون

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عاطف خان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.ذريعن موجب اسد قيصر ۽ شهرام ترڪئي وڏي وزير کي ٽيليفون تي راضي ڪيو.علي امين گنڊاپور عاطف خان کي چيو آهي ته ملڪي اختلاف پارٽي کي نقصان پهچن ٿا، اندروني اختلاف گڏجي ويهي حل ڪرڻ گهرجن.ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير عاطف خان کي وزيراعليٰ هائوس اچڻ جي دعوت به ڏني.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عاطف خان وڏي وزير جي ايوان ۾ اچڻ جي حمايت ڪئي آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان علي امين گنڊاپور سان رابطي جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو