جاتي: ( ڊ ر ) تعليم کاتي سنڌ جي نااهلي جي حد ٿي وئي جاتي تعلقي جي وڏي گورنمينٽ هائير سيڪندري اسڪول جي عمارت مڪمل نه ٿي سگهي تفصيلن موجب تعليم کاتي سنڌ جي نااهلي جي حد ٿي وئي جاتي تعلقي جي وڏي ۾ وڏي ڪاليج گورنمينٽ هائير سيڪندري اسڪول جي عمارت مڪمل نه ٿي سگهي 400 سو اسڪول جا شاگرد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي تعليم پرائڻ لڳا گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ فرنيچر پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون اڻلڀ جاتي جي شاگردن ۽ سماجي اڳواڻن پاران اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائڻ جو مطالبو ڪرپٽ ٺيڪيدار ۽ راشي آفيسر جي ملي ڀڳت سان هيڏي وڏي اسڪول جي تعمير ٿي نه سگهي سموري رقم هڙپ ڪئي وئي هنن وڌيڪ نگران حڪومت جي وڏي وزير تعليم کاتي جي وزير ۽ تعليم سيڪريٽري اڪبر لغاري سميت مقامي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد عمارت تعمير ڪرائي ڏني وڃي ته ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪري شاگردن کي مشڪلاتن کان نجات ڏياري وڃي
