امت جي مڙني مسئلن جو حل قرآن ۽ سنت کي نافذ ڪرڻ ۾ آهي

امت جي مڙني مسئلن جو حل قرآن ۽ سنت کي نافذ ڪرڻ ۾ آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته امت جي مڙني مسئلن جو حل قرآن ۽ سنت کي نافذ ڪرڻ ۾ آهي، پاڻ صه جن جي تعيلمات کان دوري جي ڪري اڄ معاشرو افراتفري، ڏڦيڙ، بدامني ۽ انتشار جو شڪار آهي نه ڪنهن جي جان، مال ۽ نه وري عزت آبرو محفوظ آهي، ربيع الاول مهينو هڪ بابرڪت نبي مهربان صه جي آمد جو مهينو آهي، هر عاشق رسول لاءِ اهو لازم آهي ته هو پاڻ اسوه حسنه جي مڪمل پيروي ڪري ۽ ان جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪري آخرت ۽ دنيا جي ڪاميابي حاصل ڪري، اسان جو ايمان آهي ته نبي صه آخري نبي آهي هاڻي جيڪو به نبوت جي دعوى ڪري اهو ڪوڙو، مڪار ۽ خائن آهي، الله جي بندگي، محمد صه جي اطاعت ۽ انسانن جي خدمت ئي دراصل قرآن ڪريم جي سموري دعوت جو نچوڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي تعلقه ٺُل پاران مقامي هال ۾ رٿيل رحمت للعالمين ڪانفرس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي، نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، بَرک عالم دين مولانا رفيع الدين چنا ۽ ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري پڻ خطاب ڪيو. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 73 جو آئين ٺهيو تڏهن سموري قوم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۾ قرآن ۽ سنت کان بالاتر ڪوبه قانون نه هوندو، اقليتن سميت هر شخص جي جان، مال ۽ عزت آبرو کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو، پر افسوس جو اڄ تائين آئين ۽ دستور تي مڪمل طرح سان عمل نه ٿي سگهيو آهي. اڄ اسلام پوري طاقت سان دنيا ۾ ڦهلجي رهيو آهي جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نٿي سگهي، اسين اڄ اها ڳالهه طي ڪري وٺون ته وياج واري قرض ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي سان نه بلڪه پنهنجي قوم، پنهنجي جوانن، عفت ماب عورتن ۽ هنرمندن جي طاقت سان پاڪستان کي هڪ مثالي رياست بڻائينداسين، عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي، ڪارڪن جماعت جي دعوت عام ماڻهن تائين پهچائين، ان شاءَ الله جماعت اسلامي پاڪستان کي بحرانن مان نجات ڏياريندي، حقدارن کي پنهنجو حق ملندو ۽ ملڪ ۾ عدل توڙي انصاف جو نظام قائم ٿي رهندو. ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي دين کي قائم ڪرڻ جي هڪ عالمگير تحريڪ آهي جيڪا پيغام مصطفى صه کي نافذ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ صالح معاشري جي قيام ۽ اسلامي انقلاب لاءِ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو