اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين: اسد قيصر

صوابي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين، اسان حقيقي معنيٰ ۾ حقيقي آزادي چاهيون ٿا.آزادي کانپوءِ صوابي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ سان وابستگي کي 27 هين سال گذري ويا آهن.اسد قيصر چيو ته اسان هي مشن هڪ مقصد لاءِ شروع ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي آهي.هن چيو ته اسان تي جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان جو بنيادي ڪردار نواز شريف آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي ته اهي سڀ اتحاد ٺهي، اسان انهن سان اڪيلي سر وڙهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو