اليڪشن جو اعلان ٿيو پراسان جا ساٿي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن:حليم عادل

اليڪشن جو اعلان ٿيو پراسان جا ساٿي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن:حليم عادل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خلاف سرڪار جي ڪم ۾ مدالت جي ڪيس ۾ ٻڌڻي 28 سيپٽمبر ائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جي روبرو هاءِ ڪورٽ جي سامهون حليم عادل شيخ جي گرفتاري دوران سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جيل اتنظاميا حليم عادل شيخ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻي پاسي تحويل هيٺ قيدي کي ڇڏائڻ جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر عدالت ۾ چالان ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر چيو ته چالان ۾ ٽائيپنگ جي غلطي سان جوابدار جو نالو غلط لکيو ويو آهي. عدالت چالان ۾ تصيح لاءِ جاچ آفيسر کي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پوليس موجب حليم عادل شيخ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازي جي پيشي تي جوابدار کي ڇڏائڻ جي ڪوشش جو الزام آهي. ٻڌڻي کان پوءِ حليم عادل شيخ چيو ته اڄ ڪلهه ليول پلينگ فيلڊ جو گهڻو شور آهي. پي ٽي آءِ کي رڳون پلينگ فيلڊ ڏيو ڀلي ليول نه هجي. پاڪستان جو عوام ان کي پاڻ ليول ڪري ڇڏيندو. اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آهي. پر اسان ۽ اسان جا ساٿي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. حليم عادل شيخ چيو ته پيپلز پارٽي کي اها ليول پلينگ فيلڊ گهرجي جيڪا 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ملي هئي. ايم ڪيو ايم کي به ٺپي تي ٺپي واري ليول فيلڊ گهرجي. هن اليڪشن کي عوام پاڻ فري اينڊ فيئر بڻائي ڇڏيندي. اليڪشن آئيني مدي دوران ٿيڻ گهرجي. حليم عادل شيخ چيو ته چيف جسٽس کان اميد آهي ته هو آئيني ذميواري پوري ڪندي مقرر وقتن تي اليڪشن ڪرائيندو. حافظ نعيم ميئر جي اليڪشن ۾ رات جي اونداهي ۾ اسان وٽ ايندو هو. حافظ نعيم رحمان اسان جو اتحادي ۽ ميئر جي اليڪشن ۾ اسان جو حمايتي اميدوار هو. ڪراچي ڪپتان جو هو. اسان کان اليڪشن کسي وئي هئي. مال غنيمت ميڙيندڙن ۾ حافظ نعيم جي پارٽي به شامل هئي. هن چيو ته چيئرمين جي هدايت تي اسان جماعت اسلامي جي حمايت ڪئي. حافظ صاحب کي سپورٽ ڪرڻ تي اسان جو گهڻو نقصان ٿيو. اسان جي چيئرمينز جي خلاف داخل ڪيا ويا. منهنجي راءِ تڏهن به اها ئي اسان کي الڳ ٿيڻ گهرجي. حليم عادل شيخ چيو ته ڪامران ٽسوري ڪالهه چيو ته اوهان اونداهي ۾ ملڻ آيا هئا. اڄ اوهان ان کي ملڻ لاءِ گهرائي ورتو. اسان کي ڪنهن جي ملڻ تي اعتراض ناهي. حافظ نعيم جواب ڏئي هو رات جي اونداهي ۾ ڪامران ٽسوري وٽ ڇا ڪرڻ ويو. ڪراڇي ان کان جواب گهري ٿو تحريڪ انصاف واحد جواب آهي جنهن جو ظاهر ۽ باطن هڪ ئي آهي. تحريڪ انصاف ايندڙ اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو