اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف القادر ٽرسٽ ڪيس فيصلي خلاف اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پارٽي چيئرمين بريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته ڪيس سياسي بنيادن تي ٻڌل هو، پراسيڪيوشن پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، سرڪاري گواهه به تسليم ڪيو ته ان سان سرڪار نقصان ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته هو اڄ القادر ڪيس جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندا. واضع رهي ته احتساب عدالت القادر ٽرسٽ سان ٻڌل 190 ملين پائوٽ ريفرنس جو تحريري فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني بدعنواني ۽ ڪرپٽ پريڪٽس ۾ ملوث قرار ڏنو ويو هو. تحريري فيصلي ۾ باني پي ٽي آءِ کي 14 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته بشرى بي بي کي ڪرپشن ۾ سهولتڪاري ۽ معاونت تي ڏهاري قرار ڏيندي کيس 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.










