افغان فورسز جي سرحدي جارحيت، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب

افغان فورسز جي سرحدي جارحيت، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب

نوشڪي (ويب ڊيسڪ)نوشڪي ۾ پاڪ افغان سرحد تي افغان فورسز جي حملي جو پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪئي.سڪيورٽي ذريعن موجب نوشڪي ۾ پاڪ افغان سرحد تي غزنالي سيڪٽر ۾ افغان فورسز تي حملو ڪيو. افغان فورسز پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان طرفان به جارحيت جو جواب ڏنو ويو، پاڪستان جوابي ڪارروائي ۾ افغان چوڪن کي نشانو بڻايو. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فورسز طرفان بارڊر جي مرمت دوران فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي. پاڪستان موثر ڪارروائي ڪئي ۽ افغان فورسز خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ افغان فورسز جو وڏو جاني نقصان ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کڻندو رهندو. افغان فورسز طرفان اڳ به بلا اشتعال جارحيت ڪئي وئي آهي، پاڪستاني فورسز علائقائي سالميت تي ڪنهن به لفظ جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو