افغانستان کان ٽي ٽي پي تي اثرائتي قدمن جي اميد آهي: ممتاز زهرا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ٽي ٽي پي پاران جديد هٿيارن جي استعمال تي خدشا آهن، پاڪستان افغانستان کان اميد ڪري ٿو ته ٽي ٽي پي خلاف موثر قدم کنيا وڃن.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته کين اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي.هن چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مالي مدد تي خدشا آهن، ڀارتي ايجنسي جي سهڪار سان ڪيترائي دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ سرگرم آهن، ان بابت وڌيڪ تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌائيندس. ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان پاران ٽي ٽي پي خلاف ڪنهن ڪارروائي ۽ ان جي اثرن بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، اميد آهي ته افغانستان ٽي ٽي پي خلاف موثر قدم کڻندو.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت جو اغوا ۽ دهشتگردي جو نيٽ ورڪ سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي، پاڪستان ڀارتي سهڪار سان دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي.ڪلڀوشن ان جو ثبوت آهي، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ توهين رسالت جو قانون سڀني مذهبن لاءِ آهي.سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا سٺا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان رابطي ۾ آهيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪويت جي امير جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ڪويت جو دورو ڪيو. هن ڪويت جي امير جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو.هن چيو ته گذريل هفتي پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير جي صورتحال تي عالمي ادارن جي سربراهن کي خط لکيا. خط ۾ هن ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين کان آگاهه ڪيو. پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت حاصل ڪرڻ تائين ان جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.هن وڌيڪ چيو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سک ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا، پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ ٻطرفي مشاورت ۽ تعاون جو ورچوئل افتتاحي دور ٿيو، هلندڙ مهيني پاڪستان 366 هندن کي مذهبي رسمن لاءِ ڪٽاس راج ڏانهن ويزا جاري ڪيا، هن. هلندڙ سال 8 هزار 644 ڀارتي هندو ۽ سک ياترين کي ويزا جاري ڪيا ويا، پاڪستان هندو ۽ سک ياترين جي آجيان ڪئي.ممتاز زهرا بلوچ اهو به چيو ته پاڪستان کي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي سخت ڳڻتي آهي، پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو