اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ڊيره اسماعيل خان حملي تي افغانستان ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪري ملوث ڪردارن کي پاڪستان جي حوالي ڪري.هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڊيره اسماعيل خان حملي جا ثبوت افغان اختيارين جي حوالي ڪيا آهن. افغانستان ڊيره اسماعيل خان حملي جي آزادانه ۽ شفاف جاچ ڪري.ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڪافي سالن کان دهشتگردي جو شڪار آهي. اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهي آهي. ٽي ٽي پي سميت ٻين دهشتگردن جون پناهه گاهون افغانستان ۾ آهن. افغان زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي ان ڪري افغان عبوري حڪومت دهشتگرد گروپن جي خلاف ڪارروائي ڪري. پاڪستان جون ٽي ٽي پي سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي آمريڪي دوري ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو ڪردار شامل آهي. آرمي چيف جون آمريڪا ۾ لاڳاپيل عسڪري ۽ حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون شيڊول آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي حق ۾ سيڪيورٽي ڪونسل جي قرارداد جي حمايت ۽ اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪري ٿو. ڪشمير مسئلي جو حل سلامتي ڪونسل جي قراردادن ۾ آهي. ڀارت ڪشميرين جا حق کائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان مسئلي جي حل لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون جاري رکندو.










