ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلوچستان جو نگران صوبائي وزير اطلاعات جان اچڪزئي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته افعانستان کي گهرجي ته هو پنهنجي شهرين کي رکڻ جو بندوبست ڪري،بلوچستان مان غير قانوني ترسيل افغانين کي نيڪال ڪيو آهي،افغان عبوري حڪومت کي گهرجي ته پنهنجن ماڻهن کي تسليم ڪن، رياست فيصلو ڪري چڪي آهي ته ملڪ ۾ ترسيل غير قانوني افغانين کي حفاظت طور پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي،پوري ملڪ مان غير قانوني ترسيل افغانين کي واپس ملڪ بدر ڪيو ويو پيو وڃي،ملڪ ۾ 20 هزار غير قانوني افغانين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن،ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغانين جا شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي جنهن جي جاچ هلندڙ آهي.ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ افغاني ملوث آهن. افغان عبوري حڪومت اچڻ سان وڏي دهشتگردي ٿي رهي آهي.ميان والي توڙي راولپنڊي دهشتگردي ۾ سئو سيڪڙو افغاني ملوث آهن. اسان کي ملڪ مان غير قانوني ترسيل افغانين کي ڪڍڻ ضروري سمجهون ٿا ته جيئن ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهي.
