اعظم سواتي کي سنڌ حڪومت جي جهاز ۾ نه آندو ويو: مراد شاهه

اعظم سواتي کي سنڌ حڪومت جي جهاز ۾ نه آندو ويو: مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو جهاز استعمال نه ڪيو ويو، هو جهاز جي استعمال جي سختي سان ترديد ڪن ٿا.ڪراچي ۾ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڏکئي معاشي صورتحال آهي، سڀني کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ بدران گڏجي استحڪام آڻڻو پوندو.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪي ادارا ڪم ڪن ٿا تن تي تنقيد ٿئي ٿي، تعليم واري وزير تعليم ۾ بي ضابطگين جو جواب ڏئي ڇڏيو.هن چيو ته هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن کي ڪو به رليف نه مليو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مٿي تي ڇت ناهي، اهي خيمن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، اچو ته سڀ گڏجي ملڪ کي هن ڏکئي وقت مان ڪڍيون.مراد علي شاهه جو اهو به چوڻ آهي ته اسان اڏاوت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو