اضافي ٽيڪس جي معاملي تي تجويزون ورتيون آهن: نعيم الرحمان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته روزانو بحث ٿيندو آهي ته اضافي ٽيڪس کانسواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو، اسان ان اهم معاملي تي تجويزون ورتيون آهن.اهڙن خيالن جو اظهار امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي نوجوانن لاءِ ڪيل پروگرام ”بنو قابل“ جي پريزنٽيشن هئي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ هو ڳالهائيندو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو.حافظ نعيم الرحمان جو اهو به چوڻ آهي ته ”بنو قابل“ پروگرام ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو