اسڪول کي بلڊنگ نه ملي،ٻارڙا جهوپڙي پڙهڻ لڳا، انتظاميه خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن س)اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڏنهياري ۾ اسڪول کي بلڊنگ نه ملي معصوم شاگرد هن جديد دور ۾ به جهوپڙي ۾ تعليم پرائڻ لڳا آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن موجب گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ڏنھياري يوسي گريانڇو 2003 کان ھلندڙ آھي پر افسوس ھن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به ھي اسڪول بلڊنگ کان محروم آھي جتي ھينئر 60 کان 70 شاگرد تعليم پرائي رھيا جڏهن ته سيميز ڪوڊ به آهي ان باوجود اسڪول بلڊنگ نه آهي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ جهوپڙي ٺاھي آھي اڳ ۾ ڪچو چونئرو ٺھيل هوندو هو جيڪو طوفاني برساتن سبب ڪري پيو اسڪول بلڊنگ نه هئڻ ڪري شاگردن سميت اُستاد به ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن اسڪول ۾ مقرر استاد ريگيولر پنھنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيئي رھيا آھن ڳوٺاڻن تعليم جي بالا آفيسرن ٽي او پرائمري اسلام ڪوٽ ڊي اي او پرائمري ٿرپارڪر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ت جيئن گلن جھڙا ٻارڙا پنھنجي تعليم سٺي نموني پرائي سگھن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو