اسٽريٽ ڪرمنلز کي بخش نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ۽ ڏوهن جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيده قدم کڻن.اجلاس ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن لاءِ اسپيشل برانچ طرفان لسٽون اوهان کي ڏنيون ويون آهن.آءِ جي سنڌ اسپيشل برانچ جي منشيات ۽ گٽڪا مافيا جي فهرستن کي ترتيب ڏيڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ گٽڪا مافيا خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته صوبي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي. انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي سخت محکمانه ڪارروائي ڪئي ويندي.آءِ جي سنڌ چيو ته جيڪڏهن سوال ڪندڙ جي عزت نه ڪئي وڃي ته اها سزا بڻجي ويندي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن تي پوي ٿي. ايس ايس پيز کي مڪمل اختيار حاصل آهن، آزاديءَ سان ڪم ڪن، مان توهان جي مڪمل رهنمائي ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان، مان ڏوهن ۽ خاص ڪري سنگين ڏوهن جو ماهوار اجلاس ۾ جائزو وٺندس.

پهنجو تبصرو موڪليو