اسلام آباد ۾ هٿياربند اسان جو سائونڊ سسٽم ۽ بينر پٽي کڻي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي الزام مڙهيو آهي ته اسلام آباد ۾ لڳل ان جي احتجاجي ڪئمپ تان اڻڄاتل هٿياربند سائونڊ سسٽم ۽ بينر پٽي کڻي ويا، بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي دعوا ڪئي ته هڪ سئو کان وڌيڪ مظاهرين پوليس جي تحويل ۾ آهن، ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس چيو ته ڳالهين وارين ڪاميٽي ۽ عدالتي حڪمن کان پوءِ 290 مظاهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته اسلام آباد پوليس بلوچستان مان قافلي صورت ۾ آيل مظاهرين کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو هو ۽ ڪيئي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو