اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ واقع فليٽ مان پرڏيهي سفارتڪار جو لاش مليو آهي.پوليس اختيارين موجب مارجي ويل لاش جي سڃاڻپ جرمن سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري ٿامس فولڊر جي نالي سان ٿي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.جرمن سفارتخاني کي به سفارتڪار جي موت بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سفارتڪار جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ معلوم ٿيندو، جرمن سفارتڪار کي اڳ معمولي دل جو دورو پيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ جرمن سفارتخاني جي آفيس نه پهچڻ تي سفارتخاني جي فليٽ جو دروازو کوليو ويو، جنهن بعد جرمن سفارتخاني جي عملي پوليس کي سفير جي موت جو اطلاع ڏنو.










