اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي نيب ۾ طلب

اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي نيب ۾ طلب

پشاور: (بيورو) نيب خيبرپختونخواهه اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سميت اڳوڻي صوبائي وزيرن شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان کي طلب ڪري ورتو آهي.نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب نيب خيبرپختونخواهه اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پي ٽي آءِ جي 2 اڳوڻن وزيرن شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان کي 10 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وزيرن ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر خلاف مردان صوابي روڊ جي تعمير ۾ بي قاعدگين جون شڪايتون مليون آهن.بيان موجب عاطف خان خلاف راندين ۽ سياحت جي منصوبن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جون شڪايتون آهن، جنهن جو نوٽيس وٺندي چيئرمين نيب لاڳاپيل شڪايتن جي باضابطه جاچ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو