ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد جو چوڻ آهي ته جلس جي اجازت ناهي ملي رهي، حڪومتي پارٽين لاءِ ميدان خالي نه ڇڏينداسين،مهاجر قومي موومينٽ جي سربراهه آفاق احمد ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي عدم گرفتاري لاءِ علامتي بک هڙتال ۾ پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آفاق احمد چيو ته ڪورنگي ضلعي جي سمورن سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.سندس چوڻ آهي ته گذريل 3 مهينن ۾ ملاقاتن جي اجازت ناهي ڏني وئي، هن وقت تائين جيڪي به چونڊ اتحاد ٿيا آهن اهي سرڪاري آهن.آفاق احمد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سرڪاري پارٽين لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو، نامزدگي ڪاغذن کانپوءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي.










