اسان جو پهريون ڪم صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي: خدا بخش مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران معدنيات ۽ معدني وسيلن واري وزير مير خدا بخش مري جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ معدني وسيلن کي ڳولا ڪرڻ جي حوالي سان جائزو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين اين اي ڊي، مهراڻ، دائود ۽ سنڌ يونيورسٽي جي جيولوجسٽ کاتي، ماحوليات ۽ توانائي سان تعلق رکڻ وارن ماهرن، سپارڪو جي نمائندن ۽ معدنيات ۽ معدني وسيلن کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معدنيات ۽ معدني وسيلن کاتي جو سيڪريٽري آغا عبدالرحيم پڻ موجود هئا. شرڪت ڪندڙن سان مخاطب ٿيندي صوبائي وزير مير خدا بخش مري چيو ته اسان مختصر وقت لاءِ آيا آهيون اسان جو پهريون ڪم صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي پر ان دوران کاتي جي روزاني جي ڪم به بهتر انداز ۾ ڪرڻ ترجيحات ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان گهٽ وقت ۾ موثر ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، الله پاڪ اسان کي موقعو ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته هن کاتي ۾ جواب تائين نه ٿئي هو ڪم شروع ڪن ته جيئن هن ملڪ خاص ڪري سنڌ کي ان سان فائدو پهچي. هاڻي تائين سنڌ جا وسيلا عوام کان لڪيل هئا، اسان انهن سمورن وسيلن کي عوام تائين پهچائينداسين، اسان معدني وسيلن سان بابت هر معلومات ڊيجٽيلائز ڪنداسين، ته جيئن سنڌ جي هر شخص ۽ نوجوان کي سنڌ جي معدني وسيلن جي معلومات هجي. هن چيو ته اوهان ماهرن وٽ ماهرانه راءِ آهي، جيڪا معلومات ۽ حقيقتون اوهان وٽ آهن اهي ڪنهن ٻئي وٽ ناهن، اوهان اسان جي رهنمائي ڪريو، مفيد مشورا، معلومات ۽ تحقيق اسان سان شيئر ڪريو ۽ جيڪا شڪايت آهي اها به ڏيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا، تناسب، تعداد ۽ مارڪيٽ جي قيمت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهينداسين جنهن ۾ سمورن ماهرن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي ميڊيا ۽ عالمي ماهرن سان گڏ ملي ڪري معدني وسيلن سان مالا مال علائقن جو دورو ڪنديون ۽ پنهنجي ماهرانه راء اسان سان ۽ دنيا سان شيئر ڪندا. ان موقعي تي ماهرن صوبائي وزير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي اجلاس سنڌ لاءِ انتهائي مفيد آهي. سنڌ حڪومت جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو