ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان جو احتجاج جاري رهندو، احتجاج ۾ هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن مڪمل شٽر ڊائون هڙتال هئي، بجلي جي بلن ۾ واڌ تي عوام پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو.حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عوام وڏي تحريڪ شروع ڪئي آهي، ڪجهه ماڻهن 2 سيپٽمبر واري هڙتال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته سموريون بازارون بند رهيون، پرامن احتجاج ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس آڏو به احتجاج ڪندا.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سموريون پارٽيون گڏجي اتحاد ٺاهين، رڳو جماعت اسلامي اڪيلي آهي.حافظ نعيم الرحمان جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش تمام گهڻي آهي، 9 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي آهي جنهن کي اسان استعمال نٿا ڪري سگهون، ان لاءِ عوام ادا ڪري رهيو آهي.
