احمد شاهه ٻن ڏينهن جي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: (ن س) اطلاعات بابت نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن جي لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزير منور علي مهيسر، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي عبدالڪبير قاضي، آرڪٽيڪيٽ ۽ آرٽسٽ همير سومرو، ليکڪ مهتاب اڪبر راشدي، نور احمد ۽ اظهار سومرو شرڪت ڪئي.2 ڏينهن جي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ ٿيٽرز، يوٿ مشاعره، ميوزيڪل نائيٽ، ڊانس تي پرفارمنس، قوالي نائيٽ ۽ اسٽيج ڊرامن سميت مختلف سرگرمين جو اهتمام ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو