احمد شاهه نگران وزير طور حلف کڻي ورتو،اطلاعات سميت قلمدان سندس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صدر آرٽس ڪائونسل ڪراچي احمد شاهه سنڌ جي نگران صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري احمد شاهه کان نگران وزير جي عهدي جو حلف ورتو.گورنر هائوس ۾ ٿيل حلف برداري تقريب ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ڪابينا ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته احمد شاهه جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.صدر آرٽس ڪائونسل ڪراچي احمد شاهه جو چوڻ آهي ته مون کي ٿوري وقت لاءِ وزارت ڏني وئي آهي، جيڪا ايمانداري سان پوري ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو