احسن اقبال ۽ دانيال عزيز پاران نامزدگي ڪاغذ حاصل

نارووال(ويب ڊيسڪ)عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ اين اي 75 شڪر ڳڙهه مان ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز ۽ اين اي 76 نارووال مان احسن اقبال نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا.نارووال جي 2 قومي ۽ 5 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 170 نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا.اين اي 75 نارووال 1 شڪر ڳڙهه تان 13 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا.اين اي 76 نارووال 2 تان 16 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا. پي پي 54 ظفروال مان 22، پي پي 55 شڪر ڳڙهه مان 50 ۽ پي پي 56 مان 17 نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. پي پي 57 مان 32 ۽ پي پي 58 تان 20 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا. پي پي 58 ۾ 1 اميدوار محمد اڪمل نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

پهنجو تبصرو موڪليو