احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو  نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو: ڊويزن

احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو: ڊويزن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن چوي آهي ته احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪشن رات جاري ٿي ويو آهي. اڱاري تي احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي بنج رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن انعام الله اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. سيڪريٽري انعام الله چيو ته احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن رات جو جاري ٿي ويو آهي. چيف اليڪشن ڪميشن سوال ڪيو ته يعنيٰ احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ تي عملدر آمد ٿي ويو آهي.؟ انعام الله چيو ته گهرو وزارت آءِ بي جي دهشتگردن جي واقعن تي رپورٽ جاري ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ امن امان بابت به رپورٽ آهي. اليڪشن ڪميشن انهن ٻنهي آفيسرن بابت فيصلي تي نظر ثاني ڪري، گهرو وزارت جي درخواست آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي تي نظر ثاني ڪري، گهرو وزارت چيو آهي ته آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد کي برقرار رکيو وڃي. وزيراعظم آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي ري پليس مينٽ لاءِ چيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گهرو وزارت جي رپورٽ کي اسان ڏسي وٺنداسين. اوهان اڄ اربع تائين ٻنهي عهدن لاءِ پينل ڏسو.

پهنجو تبصرو موڪليو