احتجاج ڪرڻ شاگردن جو بنيادي حق آهي، شاگرد تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، نوروز ڪلمتي، جميل ملاح ۽ آفتاب همٿ چانڊئي پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ شاگردن جو بنيادي حق آهي. فيسن ۾ واڌ خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن کي هراسان ڪرڻ آئين جي خلاف ورزي آهي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا طرفان فين جي واڌ خلاف احتجاج ڪرڻ تي پوليس ذريعي شاگردن کي حراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر فيون گهٽائڻ بدران احتجاج ڪندڙ شاگردن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيا آهن، جيڪو عمل سراسر ناانصافي آهي. تعليمي ادارن اندر اهڙي قسم جو عمل شاگرد دشمني آهي. هڪڙي پاسي هر سال هزارين روپيا فيون وڌايون پيون وڃن جنهن سبب غريب پورهيتن جا ٻار يونيورسٽي سطح تائين تعليم پرائي نٿا سگهن ته ٻئي طرف فين ۾ اضافي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن کي بندوق بردارن ذريعي حراسان ڪيو پيو وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر وزير اعليٰ سنڌ سيد مقبول باقر کان مطالبو ٿي ڪري ته شاگردن کي حراسان ڪندڙ پيپلز پارٽي جي آشيرواد سان مقرر ٿيل وائيس چانسلر کي هٽايو وڃي ۽ شاگردن جون وڌايل فيون گهٽايون وڃن ته جيئن غريب پورهيتن جا ٻار آساني سان يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو